انشاء عجيب دلپذير (قلمي)

انشاء عجيب دلپذير (قلمي)

انشاء عجيب دلپذير قلمي

انشاء عجيب دلپذير (قلمي): هي قلمي نسخو آخوند واحد بخش سومري جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن جو موضوع ’رسمي خط‘ آهي. ڪتاب نظم ۽ نثر ۾ آهي، فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”جوهر فصاحت و کامراني گوهر بلاغت
مطلب جاوداني جو سلم شرايط
نيازي بجاي آورده معروض ميدارم...“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”طائر هستي اگر در چرخ سازد آشيان
عاقبت گردد ابردام صياد اجل“
66 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مصنف جو هٿ اکر خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي ۽ لکيل آهي ”انشاي عجيب دلپذير الراقم آخوند واحد بخش سومرو“ هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو